تالي ورتيه

تالي ورتيه: اڳئين زماني ۾ ورتيه نالي هڪ ذات هئي، جيڪي گداگرن جي صورت ۾ ڦرندا وتندا هئا ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن کي سندن گذريل ۽ ايندڙ ڳالهيون ٻڌائي ٺڳيندا هئا. انهيءَ ورتيه ذات مان تاني (يا تالي) نالي هڪ عورت هئي، جا پنهنجي گهر جي ڪنهن به دريءَ کان هڪ اک ڏيکاريندي هئي ته ان جو مطلب سمجهبو هو ته ان وقت ديوتا ڄڻ انهيءَ سائل تي راضي ٿيا يا تاليءَ جي اک ڏسڻ سان ڪم ٿيندو هو. ناقص عقيدا قديم وقت ۾ گهڻا هوندا هئا ۽ هن وقت به آهن. مثلاً تتر جي ٻولڻ سان چڱائي يا برائي معلوم ڪرڻ يا اهو وهم ته ڏائڻيون ننڊ ۾ ڪنهن بيمار ماڻهوءَ جي دل ۽ جگر کائي غيب جون خبرون ٻڌائينديون آهن. تالي ورتيه جو ڌنڌو به اهو ئي هو . تالي ورتيه تيرهن تال ڄاڻندي هئي. اڄ به هي پهاڪو عام آهي ته فلاڻي عورت ڏاڍي چالاڪ يا ”تيرهن تالي“ آهي.اهڙيءَ ريت هن عورت ”تالي“ جو ڳوٺ ’اک ڪڍائيءَ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ ورتيه قبيلي جي وڃڻ کان پوءِ جاڙيجا ۽ سميجا ذات جا ماڻهو ان ڳوٺ ۾ لڏي اچي ويٺا. جڏهن مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته ان جي لشڪر جي گهوڙي سوارن جاڙيجن ۽ سميجن کي گهڻو لٽيو ۽ هي ڳوٺ ويران ٿي ويو. بعد ۾ مير فتح علي خان ٽالپر جي دور حڪومت ۾ هي ڳوٺ وري آباد ٿيو. سن 1203هه مطابق سن 1789ع ۾ خاصخيلي، چانڊيا، راهوجا ۽ زهراڻي هتي اچي ويٺا. هن وقت هن ڳوٺ ۾ خاصخيلي ذات جي گهڻائي آهي ۽ چنا ۽ ڪرٽيا ذاتيون به ويٺل آهن.


لفظ تالي ورتيهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو